تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ عورتن کي باضابطا طور موٽر سائيڪل هلائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻ عورتون موٽر سائيڪل هلائڻ جو لائسنس حاصل ڪري سگهنديون.
پرڏيهي خابرو اداري مقامي ميڊيا جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ان فيصلي کانپوءِ موٽر سائيڪل جي حوالي سان ورهين کانپوءِ جاري قانوني مونجهاري جو خاتمو ٿي ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ان کان اڳ قانون ۾ عورتن جي موٽر سائيڪل يا اسڪوٽر هلائڻ تي واضح پابندي موجود نه هئي پر عملي طور تي اختياريون عورتن کي لائسنس جاري ڪرڻ کان انڪار ڪنديون رهيون آهن.
ان قانوني خال سبب حادثن جي صورت ۾ عورتن کي قانوني طور ذميوار قرار ڏنو ويندو هو.
ايران جي نائب صدر محمد رضا عارف گذريل ڏينهن هڪ ٺهراءَ تي صحيحون ڪيون، جنهن جو مقصد ٽريفڪ قانونن کي واضح ڪرڻ آهي، اهو ٺهراءُ گذريل مهيني جي آخر ۾ ايراني ڪابينا مان منظور ڪيو ويو هو.
ان ٺهراءَ تحت ٽريفڪ پوليس کي پابند ڪيو ويو آهي ته عورت درخواستگذارن کي عملي تربيت فراهم ڪئي وڃي، پوليس سڌي ريت نگراني ۾ امتحان وٺي ۽ کين موٽر سائيڪل ڊرائيونگ لائنسنس جاري ڪري.
You might also like