سنڌ هاءِ ڪورٽ گل پلازا سانحي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گل پلازا سانحي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي ڇڏي.
گل پلازا ۾ پيش آيل واقعي جي عدالتي جاچ لاءِ سنڌ حڪومت 29 جنوري تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکيو هو، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جواب ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ٽربيونلز آف انڪوائري آرڊيننس 1969 ۽ سنڌ حڪومت طرفان جمع ڪرايل ٽرمز آف ريفرنس جي بنياد تي جسٽس آغا فيصل تي ٻڌل سنگل ميمبر جڊيشل ڪميشن جوڙي ڇڏي، جيڪا گل پلازا ۾ باهه جي واقعي ۽ ان جي سببن جي جاچ ڪندي.
ڪميشن جو مدو ۽ ٻيا تفصيل سنڌ حڪومت نوٽيفاءِ ڪندي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته واقعي بابت سمورا دستاويز جسٽس آغا فيصل جي روبرو پيش ڪيا وڃن، جڏهن ته ان حوالي سان صوبائي گهرو کاتي کي به آگاهه ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته گل پلازا ۾ باهه سبب 70 کان وڌيڪ ماڻهو سڙي فوت ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.