ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رحمان بابا ايڪسپريس ۾ سفر دوران عورت ٻارڙيءَ کي جنم ڏنو آهي.
ريلوي پوليس موجب رحمان بابا ايڪسپريس انجڻ خراب ٿيڻ سبب ڌاٻيجي اسٽيشن تي بيٺي هئي، جنهن دوران عورت ٻارڙيءَ کي جنم ڏنو.
ريلوي پوليس ٻڌايو ته ٽرين ۾ سفر ڪندڙ ڊاڪٽر عورت کي طبي مدد فراهم ڪئي.
ريلوي پوليس موجب ماءُ ۽ ٻارڙي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.
You might also like