راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته عمران خان جي ڪري لاهور ۾ بسنت ملهائي پئي وڃي ۽ بسنت جي ڏينهن آسمان پي ٽي آءِ باني جي لغڙن سان ڀرجي ويندو.
راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته لڳي ٿو ججن هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن، انهن جي چهرن تي لکيل آهي ته بي وس آهن، غريب پوليس وارن کان زبردستي عدالت ۾ ڪوڙ ڳالهرايو پيو وڃي.
هن چيو ماڻهن کي عدالتن مان انصاف جي اميد هوندي آهي پر پيغام ڏنو پيو وڃي ته موجوده سسٽم ۾ عوام جي اميد جي ڪا گنجائش ناهي، اسان به عدالتن ۾ پيش ٿي رڳو وقت ٿا گذاريون، مون کي خبر آهي ته اهي سزا ئي ڏيندا.
سندس چوڻ هو ته سڀني پارليامينٽيرينز جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن حڪمت عملي جوڙي سگهجي.
You might also like