سعودي ولي عهد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو: پاڪستاني سفير

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.
رياض ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ بريفنگ ڏيندي احمد فاروق چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان دفاعي معاملن سميت ٻين شعبن ۾ هڪٻئي سان سهڪار وڌائي رهيا آهن.
هن چيو ته پاڪ – سعودي دفاعي معاهدي جي ڪري ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿيا آهن، مضبوط لاڳاپن جا هاڪاري اثر پاڪستاني معيشت تي پئجي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ ٽيڪسٽائل سميت 8 شعبن ۾ معاهدا طئي ٿيندا.
احمد فاروق چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني برآمدون تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪيون آهن، 2025 دوران 5 لک پاڪستاني ورڪر سعودي عرب آيا آهن، هن وقت تقريبن 30 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ورڪر سعودي عرب ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.