مفت ۾ يوٽيوب فيچرز تائين پهچ رکندڙ واهپيدارن لاءِ بُري خبر

يوٽيوب جي طرفان مسلسل ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هن وڊيو شيئرنگ سروس جي مفت واهپيدارن کي پريميئم پلان ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.
انهيءَ ڪري ڪمپني طرفان يوٽيوب جي هڪ مشهور فيچر تائين مفت رسائي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هڪ رپورٽ موجب، يوٽيوب طرفان مشهور موبائل برائوزر بيڪ گرائونڊ پلي بئڪ فيچر تائين مفت واهپيدارن جي رسائي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
ڊگهي عرصي کان يوٽيوب واهپيدار هن فيچر کي استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪو گوگل ڪروم ۾ رڳو پريميئم صارفين لاءِ دستياب آهي.
مفت واهپيدارن طرفان ٻين موبائل برائوزرن جهڙوڪ مائيڪروسافٽ ايج، بريو يا سام سنگ انٽرنيٽ کي استعمال ڪيو ويندو آهي ته جيئن پلي بئڪ ۾ وڊيو هلائي سگهجي.
پر هاڻي ڪيئي واهپيدارن طرفان رپورٽ ڪيو ويو آهي ته هي فيچر هاڻي سندن ڊوائسز تي ڪم نه پيو، ان ڏس گوگل پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته ان حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن.
ڪجهه واهپيدار اڃا تائين هي فيچر کي استعمال ڪري رهيا آهن، پر هوريان هوريان انهن لاءِ به اِها سهولت ختم ڪئي ويندي.
واهپيدارن طرفان تنقيد ڪرڻ تي گوگل هڪ بيان جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته موبائل برائوزرن تي هن فيچر جي استعمال خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي.
ڪمپني موجب، هي فيچر يوٽيوب پريميئم واهپيدارن لاءِ تيار ڪيو ويو، پر ڪجهه مفت واهپيدارن موبائل برائوزرن ذريعي ان فيچر تائين پهچ حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن جي روڪٿام لاءِ اسان قدم کڻي رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.