ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ جي چنڊ جي حوالي سان تازي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
فلڪياتي حساب سان هلندڙ سال پهرين رمضان المبارڪ 19 فيبروري خميس تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته رمضان جو چنڊ 17 فيبروري تي شام 5 لڳي هڪ منٽ تي پيدا ٿيندو ۽ ايندڙ ڏينهن 18 فيبروري تي چنڊ نظر اچڻ جا امڪان وڌيڪ آهن.
ڪراچي ۾ ان ڏينهن چنڊ جي عمر تقريبن 26 ڪلاڪ هوندي، جڏهن ته سج شام 6 لڳي 25 منٽن تي لهندو، جيڪو چنڊ ڏسڻ لاءِ موزون وقت سمجهيو ويندو آهي.
موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 18 فيبروري تي چنڊ نظر اچڻ جا امڪان وڌيڪ آهن پر حتمي فيصلو چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڪيو ويندو.
You might also like