اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ 5 هزار رپين جو ڪرنسي نوٽ ختم ٿيڻ جي حوالي سان اسٽيٽ بينڪ گورنر جو اهم بيان اچي ويو.
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسٽيٽ بينڪ گورنر جميل احمد بريفنگ ڏيندي واضح ڪيو ته 5 هزار رپين جو ڪرنسي نوٽ ختم نه پيو ڪيو وڃي، سوشل ميڊيا تي 5 هزارن جو نوٽ ختم ڪرڻ بابت خبرون مڪمل طور جعلي آهن.
هن ٻڌايو ته حڪومت نون ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن تي ڪم ڪري رهي آهي پر ان جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا ڏيندي.
You might also like