” پاڪستان جو ڀارت خلاف کيڏڻ کان انڪار بي سي سي آءِ جي منهن تي چماٽ آهي“

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پارليامينٽ ميمبر پريانڪا چتُرويدي آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ پاڪستان جي ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ واري فيصلي کي بي سي سي آءِ لاءِ ڌچڪو قرار ڏئي ڇڏيو .
سوشل ميڊيا تي پريانڪا چتُرويدي جي هڪ انٽرويو جي ڪلپ تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيي آهي، جنهن ۾ هن پاڪ-ڀارت ميچ بابت فيصلن ۾ ڪمزوري ڏيکارڻ بي سي سي آءِ تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
وائرل وڊيو ۾ سندس چوڻ هو ته ” هي ڀارت جي راندين واري وزير ۽ بي سي سي آءِ جي منهن تي چماٽ آهي، ڇو⁠ ته آءِ سي سي جي سڀ کان مضبوط ۽ امير ترين اداري هئڻ باوجود اڄ ساڻن کيڏڻ کان بائيڪاٽ ڪيو پيو وڃي. “
پارليامينٽ ميمبر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي ۽ پي سي بي پنلٽي ۽ ڏنڊ سميت هن فيصلي کانپوءِ پيش ايندڙ اثرن لاءِ تيار آهي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته ڀارت اهو موقف اختيار نه ڪري سگهيو جيڪو وقت سر ڪرڻ گهربو هو.
واضح رهي ته پاڪستاني حڪومت 15 فيبروري تي ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ميچ نه کيڏڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل مختصر بيان ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني جو چيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.