اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سعودي عرب کان اوڌر تي تيل فراهمي واري سهولت ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، پاڪستان سعودي عرب کان 1.2 ارب ڊالرن جي سعودي آئل فيسلٽي (ايس او ايف) جي موجوده مدي جي پڄاڻي کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي واڌ لاءِ درخواست ڏني آهي.
اعليٰ سرڪاري ذريعن تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان جاري آءِ ايم ايف پروگرام جي پڄاڻي تائين سعودي آئل فيسلٽي ۾ واڌ لاءِ نئين درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته سعودي اختيارين طرفان باضابطا منظوري جو انتظار ڪيو پيو وڃي.