ايم سي سي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڏينهن جي پڄاڻي بابت اهم قانون سميت ڪيترن ئي قانونن ۾ تبديليون متعارف ڪرائي ڇڏيون.
اڱاري ڏينهن متعارف ڪرايل ”لاز آف ڪرڪيٽ“ جي نئين ايڊيشن موجب قانون ۾ تبديلي کانپوءِ ٽيسٽ ميچ ۾ ڏينهن جي پڄاڻي آخري اوور ۾ وڪيٽ ڪِرڻ کانپوءِ نه ٿيندي پر نئون بيٽر اسٽرائيڪ تي ايندو ۽ اوور مڪمل ڪرائڻو پوندو.
ايم سي سي جي قانون بابت ذيلي ڪميٽي موجب ان قانون ۾ تبديلي جو وڏو ڪارڻ بيٽنگ ۽ بالنگ سائيڊ وچ ۾ توازن برقرار رکڻ ۽ ميچ ۾ تجسس برقرار رکڻ آهي.
ان تبديلي بابت ايم سي سي چيو ته جيڪڏهن ڏينهن جي آخري اوور ۾ وڪيٽ ڪرندي ته ڏينهن ختم نه ٿيندو.
قانون 12.5.2 ۾ تبديلي جو سبب ٻڌائيندي ايم سي سي چيو ته جيڪڏهن فيلڊنگ سائيڊ آخري اوور ۾ وڪيٽ وٺندي آهي ته بيٽنگ سائيڊ پنهنجو بيٽر وڪيٽ تي ناهي موڪليندي، اهو غير منصفاڻو عمل محسوس ٿئي ٿو، جنهن وقت ڪنڊيشن بالنگ سائيڊ جي حق ۾ هوندي آهي، ان وقت اوور روڪي ايندڙ ڏينهن ميچ ڪرائڻ سان تجسس به ختم ٿي ويندو آهي.
ايم سي سي موجب قانون ۾ تبديلي کانپوءِ هاڻ آخري اوور پورو ڪرائڻو پوندو.
ان کانسواءِ ايم سي سي هٽ وڪيٽ ۽ اوور ٿرو سميت قانون ۾ 73 تبديليون ڪيون آهن، جيڪي آڪٽوبر 2026 کان لاڳو ٿينديون.
Next Post
You might also like