اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت پسند پرڻو ڪندڙ ڇوڪريءَ کي مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
وفاقي آئيني عدالت ۾ پسند پرڻي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس حسن رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.
ڇوڪريءَ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته مون کي اغوا ناهي ڪيو ويو، پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي.
ڇوڪريءَ جي والدين جي وڪيل چيو ته ٻارڙيءَ جي عمر 12 سال آهي ۽ ان جو نڪاح قانوني طور ممڪن ناهي.
جسٽس حسن رضوي چيو ته ڇوڪري 12 سالن جي نٿي لڳي ۽ هن ميجسٽريٽ جي روبرو سيڪشن 164 جو بيان به ڏنو آهي.
جسٽس حسن رضوي چيو ڇوڪري چئي رهي آهي ته کيس اغوا ناهي ڪيو ويو، پاڻ کي بالغ ٻڌائي رهي آهي ۽ ان جي شادي کي 6 مهينا ٿي چڪا آهن.
عدالت پسند پرڻو ڪندڙ ڇوڪريءَ کي مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ ڇوڪريءَ جي والدين کي هدايت ڪئي ته اهي مبينا جعلي نڪاح جي حوالي سان لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪن.
You might also like