اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ پاڪستان کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
پرڏيهي کاتي تصديق ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي ايران – آمريڪا ڳالهين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
پرڏيهي کاتي چيو ته پاڪستان کي ڳالهين جو دعوت نامو وصول ٿي ويو آهي، ڳالهين ذريعي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
هوڏانهن آمريڪي ۽ ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته جوهري ڳالهيون جمعي تي ترڪيه ۾ ٻيهر شروع ٿينديون.
You might also like