بلوچ قوم جي مدد سان ڀارت ۽ افغانستان کي شڪست ڏينداسين: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته بلوچستان جا دهشتگرد افغانستان جا ايجنٽ آهن، جنگ ۾ شڪست کانپوءِ ڀارت پراڪسيز ذريعي پاڪستان خلاف جارحيت ڪري رهيو آهي، بلوچ عوام جي مدد سان ان پراڪسي جارحيت ۾ افغانستان ۽ ڀارت کي شڪست ڏينداسين.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اهي ماڻهو رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهين ٿا، اهي اسان جي دشمنن جا ايجنٽ آهن، اهي دشمنن جي پٺڀرائي سان اسان تي حملا ڪندا آهن.
هن چيو ته گذريل ڏهاڪن ۾ بلوچستان ۾ ترقي ٿي، روڊ ۽ تعليمي ادارا ٺهيا، جمهوري ڪلچر بلوچ قوم جو آهي، پنهنجي وسيلن تي به بلوچن جو مڪمل حق آهي.
سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت عام ماڻهن سان گڏ آهي، بلوچستان ۾ دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، بلوچ قوم جي مدد سان اسان ڀارت ۽ افغانستان کي شڪست ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.