سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم، ججن کي جذباتي نه قانوني فيصلا ڪرڻا پوندا: وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي ريمارڪس ڏنا آهن ته عدالتون ذاتي اخلاقيات ۽ همدردي سان قانون جي جاءِ نه ٿيون وٺي سگهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان شاگرد کي اسپيشل سپر سپليمينٽري امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت بابت ڪيس جي ٻڌڻي وفاقي آئيني عدالت ۾ ٿي.
ٻڌڻي دوران آئيني عدالت ريمارڪس ڏنا ته ججن کي جذباتي نه قانوني فيصلا ڪرڻا پوندا، عدالتون ذاتي اخلاقيات يا همدردي سان قانون جي جاءِ نه ٿيون وٺي سگهن.
وفاقي آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته قانون، ضابطي يا ريگوليشن ۾ اسپيشل سپر سپليمينٽري امتحان جي اجازت موجود ناهي، هاءِ ڪورٽس همدردي يا ذاتي احساسن جي بنياد تي حڪم جاري نه ٿيون ڪري سگهن.
عدالت چيو ته عدالتي فيصلن جو بنياد ذاتي عقيدا ۽ سياسي حقيقتون نه ٿيون بڻجي سگهن، عدالتي ساک جذباتي فيصلن ۾ نه قانون تي عمل ۾ آهي، ججن کي قانون موجب بنا خوف ۽ فرق جي انصاف ڪرڻو هوندو آهي.
وفاقي آئيني عدالت فيصلي ۾ لکيو آهي ته پاڪستان فردن نه پر آئين تحت هلندڙ رياست آهي، جج نجي ماڻهو نه پر اڻ ڌريا منصف هوندا آهن، همدردي کي قانوني ذميواري تي ترجيح ڏيڻ عدالتي منصب جي ابتڙ آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽس پاڻ آئين جون تخليق آهن، پاڪستان جو آئيني سفر سدائين قانون جي دائري ۾ طئي ٿيو، ذاتي نيڪ نيتي يا بي لغام اختيار آئيني نظام جو حصو ناهي، هاءِ ڪورٽس آرٽيڪل 199 تحت اختيارن جو محدود دائرو رکن ٿيون، هاءِ ڪورٽس رڳو اهو ئي اختيار استعمال ڪري سگهن ٿيون، جيڪو آئين ۽ قانون ۾ ڏنل هجي.
واضح رهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جو شاگرد گردي جي پيوندڪاري سبب سالياني امتحان ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو هو ۽ هن طبي سببن جي بنياد تي سپليمينٽري امتحان به مس ڪيا هئا.
شاگرد وائس چانسلر کي ٻه درخواستون ڏنيون هيون، يونيورسٽي ٻئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون، جنهن کانپوءِ هن آئين جي آرٽيڪل 199 تحت سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ شاگرد کي سپر سپليمينٽري امتحان ۾ شرڪت جي اجازت ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.