ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو کاتي سنڌ ۾ ڪمپيوٽرائزڊ لائسنس وارا هٿيار رکندڙ شهرين لاءِ اهم فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ ۾ ڪمپيوٽرائزڊ لائسنس رکندڙ شهرين کي هٿيار ساڻ کڻڻ جي اجازت ملي وئي آهي، جڏهن ته پرمٽ وارو شرط ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هٿيارن جو نماءُ ڪرڻ تي پابندي جاري رهندي.
سنڌ جي گهرو کاتي اسٽينڊنگ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي ته شهرين کي هٿيارن جو عوامي نماءُ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.
Next Post
You might also like