ڪراچي تي سنڌ ۽ وفاق جو قبضو نه پر مقامي حڪومتن کي اختيار ملڻ گهرجن\حافظ نعيم

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان 14 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ جماعت اسلامي طرفان ”حق ڏيو ڪراچي کي“ مارچ ڪوٺايو ويو، مارچ ۾ وڏي انگ ۾ عورتن ۽ ٻارن پڻ شرڪت ڪئي، حق ڏيو ڪراچي کي، مارچ کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ کي يرغمال بڻائي ورتو آهي، ڪراچي شهر تي 40 ويڙهن جو قبضو آهي، ڪراچي جي حق بابت 14 فروري تي سنڌ اسيمبلي جي ٻاهر ڌرڻو ڏنو ويندو، ڌرڻي ۾ روزو پڻ رکيو ويندو، تراويح پڻ پڙهيون وينديون ۽ اسان پنهنجو حق حاصل ڪري اٿنداسين، هن چيو ته هي شهر مِني پاڪستان آهي، جنهن جي 3 ڪروڙ آبادي حڪومتي غفلت جو شڪار آهي، هتي جا نوجوان تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا پر حڪمران نٿا چاهين ته انهن کي اهو حق ملي، شهر ۾ ويڙهن ۽ جاگيردارن جو قبضو آهي ۽ انهن جي اثر ۾ ڪراچي ۾ ڪجهه نٿو ٿي سگهي، حافظ الرحمان گل پلازا سانحي کي مثال طور پيش ڪيو، جنهن ۾ 23 ڪلاڪ ن بعد ميئر ڪراچي ۽ وزيراعليٰ پهتا. بلاول ۽ زرداري متاثرن جي واهر نه ڪئي، هن مطالبو ڪيو ته مقامي حڪومتن کي آئين موجب اختيار ڏيا وڃن، هڪ خاندان ۽ 40 ويڙها ان شهر تي قبضو ڪيون ويٺا آهن ۽ هي مارچ انهن جي خلاف هڪ شروعات آهي، هن سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته گل پلازا سڙي ويو، ماڻهو سڙي مري ويا ايترا ڏينهن گذري ويا، ان کان پوءِ به شهباز شريف نه آيو ۽ نه ئي هُن افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته وفاق جو قبضو هجڻ گهرجي، ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته صوبائي حڪومت جو قبضو هلندو، اسان چاهيون ٿا ته مقامي حڪومتن کي آئيني موجب اختيار ملڻ گهرجن، بسز لاءِ اربن رپين جا اشتهار هلي رهيا آهن جيڪي عوام جي ٽيڪس مان اچي رهيا آهن، جڏهن ته نوجوانن کي مهانگي پيٽرول ۾ تباهه ٿيل روڊن تي سفر ڪرڻو پئجي رهيو آهي ۽ اسان جون مائرون ۽ ڀينريون چنگچين ۾ ڌڪا کائي رهيون آهن، حافظ نعيم الرحمان اعلان ڪيو ته 14 فروري تي سنڌ اسيمبلي جي ٻاهر هڪ ڪامياب ڌرڻو ڏنو ويندو، جتي ڪراچي جا ماڻهو پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ روڊن تي هوندا. جڏهن هتي ڌرڻو ڏينداسين ته اسلام آباد ۾ ماڻهو پارليامينٽ طرف ويندا، هن گل پلازا حادثي جي شفا عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته اها  جاچ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ايس بي سي اي جو نظام زرداري هائوس کان هلندو آهي ۽ ان نظام کي ختم ڪرڻ وارن کان جواب گهرون ٿا، ڪراچي جا ماڻهو پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولت کان محروم آهن،اڄ به هن شهر جو 50 سيڪڙو آبادي پاڻي کان محروم آهي ۽ اهي منصوبو 10-10 سال کان هلندا آهن، پر اڄ تائين مڪمل نه ٿي سگهيا آهن، اسان تبديلي چاهيون ٿا، ڪراچي کي حق ڏيو، جيڪڏهن اهڙي طرح حق نه ملندا ته جيڪو حال ٻين صوبن ۾ ٿي رهيو آهي، اهو ئي حال ڪراچي جو ٿي سگهي ٿو، حافظ نعيم الرحمان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اسان ٽرمپ طرف جھڪڻ ڇڏي ڇڏيون، فلسطيني حق تي آهن حماس حق آهي، اسان اسرائيل ۽ ٽرمپ جو ساٿ نٿا ڏئي سگهون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.