گل پلازا سانحو، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ڪراچي جو فيصلو ڪرائن: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا جي متاثرن لاءِ گورنر سنڌ ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي پلاٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه دادرسي نٿا ڪري سگهن ته گورنر هائوس اهو ڪم ڪندو، گورنر هائوس ۾ گل پلازا سانحي جي متاثرن لاءِ تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري، خالد مقبول صديقي، فاروق ستار، علي خورشيدي، قومي ۽ صوبائي اسمبلي جا ميمبر، گل پلازا ڪميٽي جو صدر تنوير پاستا ۽ واپاري اڳواڻ شامل هئا، تنظيمي اڳواڻن چيو ته گل پلازا ۾ فائر سيڪيورٽي ۽ انتظامي کوٽ سبب ماڻهو زندگي وڃائي ويٺا، متاثرن کي معاوضو ادا ڪيو ويو پر اڃا به ڪيترن جا فارم فل ٿيڻ جا مسئلا حل ٿيڻا آهن، صدر يونين گل پلازا تنوير پاستا چيو ته گورنر سنڌ خاطري ڪرائي آهي ته متاثر واپاري بحال ٿيڻ تائين هر قدم تي هو گڏ ۽ وفاق کان به مدد جي درخواست ڪئي ويندي، پريس ڪانفرنس دوران فاروق ستار چيو ته گورنر سنڌ سان رابطو ڪري ماڻهن کي بچايو ويو پر ادارن جي کوٽ سبب فائر ٽينڊرز ۽ پاڻي جي کوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته شهر ۾ وسيلا محدود آهن، ماڻهو مفت معاوضي سان خاموش ڪيا وڃن ٿا، ٽيڪس مان پنج سيڪڙو به ڪراچي ۾ نه لڳندو ۽ شهر جو فيصلو هاڻي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي ڪرائڻ گهرجي، خالد مقبول صديقي چيو ته گل پلازا  سانحي جي متاثرن کي گورنر سنڌ ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي پلاٽ ڏيندي، شهر کي بي غيرت بڻائڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف آواز اٿارڻ ضروري آهي ۽ حق تلفين جي خلاف جدوجهد جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.