هاڻي خوش! لائبا خان مداحن کي پنهنجي مڙس جو ديدار ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا لائبا خان هلندڙ مهيني اوچتو شادي جو اعلان ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو هو.
لائبا خان جو نڪاح مديني شريف ۾ ٿيو هو، جنهن جو اعلان هن 27 جنوري تي سوشل ميڊيا ذريعي ڪيو.
اعلان سان گڏ لائبا خان مختلف تصويرون به شيئر ڪيون هيون پر هن پنهنجي مڙس جي تصوير منظر تي نه آندي هئي، جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن سوال اٿارڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا ۽ غير ضروري بحث جنم ورتو، جنهن کانپوءِ نيٺ اداڪارا انسٽاگرام تي مڙس سان گڏ تصوير شيئر ڪري ان بحث کي ختم ڪري ڇڏيو.
لائبا مداحن ۽ تنقيد ڪندڙن لاءِ ڪيپٽن لکيو ته ”هاڻ خوش، مهرباني ڪري ماشاالله چئي ڇڏيو“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.