ڪانگو ۾ کاڻ ويهڻ سبب 200 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار

وچ آفريقي ملڪ ڪانگو ۾ ڪالٽن ڌاتو جي کاڻ ويهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب اوڀر ڪانگو جي علائقي ربايا ۾ باغي ڌڙي جي اثر هيٺ صوبي ۾ اربع ڏينهن ڪالٽن جي کاڻ ويهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 200 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون پر جمعي تائين فوتين جو درست انگ سامهون ناهي اچي سگهيو.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لينڊ سلائيڊنگ سبب ويهندڙ کاڻ جي متاثرن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن، جڏهن ته حادثي ۾ 20 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن، جن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.
اختيارين موجب برساتن جي سيزن سبب زمين تمام گهڻي نرم ٿيڻ سبب کاڻ ويهي وئي ۽ کاڻ ۾ موجود ماڻهو دٻجي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.