علي ترين جو يو ٽرن: پي ايس ايل فرنچائز ملتان خريدڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيائين

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٽيم ملتان سلطانز جو اڳوڻو مالڪ علي ترين ٻيهر ملتان جي ٽيم خريدڻ جو خواهشمند آهي.
ذريعن موجب، علي ترين پي ايس ايل ٽيم ملتان جا مالڪاڻا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ٻولي ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ملتان سلطانز جي بڊنگ لاءِ گهربل دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.
علي ترين ان کان اڳ ملتان سلطانز جي ٽيم جي ملڪيت برقرار رکڻ کان انڪار ڪري چڪو هو ۽ پي ايس ايل ۾ شامل ٻن نين ٽيمن جي بڊنگ ۾ به شامل هو، پر آخري موقعي تي نيلاميءَ واري عمل جو حصو نه بڻجڻ جو اعلان ڪيو هو.
علي ترين جو چوڻ هو ته نيون ٽيمون خريدڻ واري ٻوليءَ تان هٿ کڻڻ کانپوءِ جيڪڏهن هو پي ايس ايل ۾ ٻيهر شامل ٿيو ته رڳو ڏکڻ پنجاب جي نمائندگي لاءِ ايندو.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان فرنچائز جي نيلامي 8 يا 9 فيبروري تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.