ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ گڏيل عرب رياستن (يو اَي اِي) پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ جمعي ڏينهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ محمد وسيم يو اي اي ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته يو اي اي ٽيم ۽ آفيشلز ۾ ڪيئي پاڪستاني پڻ شامل آهن.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ يو اي اي جي اسڪواڊ ۾ محمد وسيم (ڪپتان)، عليشان شرفو، آريانش شرما، ڌرو پراشر، حيدر علي، هرشِت ڪوشِڪ، جنيد صديق، مايانڪ ڪمار، محمد عرفان، محمد فاروق، محمد جواد الله، محمد زوهيب، روحيد خان، صهيب خان ۽ سمرنجيت سنگهه شامل آهن.
واضح رهي ته يو اي اي عمان ۾ ٿيل آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ايشيا ۽ ايسٽ ايشيا پيسيفڪ ڪواليفائر جي سپر سڪس مرحلي ۾ جپان خلاف فتح حاصل ڪري ويهه ٽيمن تي ٻڌل ٽورنامينٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو.
يو اي اي ان جي ٽيم کان اڳ 2012 ۽ 2022 واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپس ۾ به شرڪت ڪري چڪي آهي.
يو اي اي پنهنجي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي مهم جي باظابطا شروعات 10 فيبروري تي نيوزي لينڊ خلاف ميچ سان ڪندي.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين ڀارت ۽ سري لنڪا ۾ کيڏيو ويندو.
Prev Post
You might also like