تيراهه ۾ ڪو به فوجي آپريشن نه پيو هلي: سيڪيورٽي ذريعا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته تيراهه ۾ ڪو به فوجي آپريشن نه پيو هلي، جڏهن ته انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ذريعي فتنن جو خاتمو ڪيو پيو وڃي.
ڪراچي ۾ سيڪيورٽي عملدارن ميڊيا جي نمائندن کي بريفنگ ڏني.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، تيراهه ۾ ڪو فوجي آپريشن نه پيو ٿئي، جڏهن ته ماٿري ۾ دهشتگردن، فتنه الهندوستان ۽ فتنه خوارج جو ڳٺ جوڙ موجود آهي، جنهن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ذريعي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊرون ٽيڪنالاجي ۾ پاڻڀرائي حاصل ڪري چڪا آهيون، جڏهن ته جاري جنگين جي تناظر ۾ جديد اينٽي ڊرون ٽيڪنالاجي تي به ڪم جاري آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگردن خلاف انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اهي ڪارروائيون جاري رهنديون.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، تيراهه ۾ آپريشن بابت ڪوڙي ۽ بي بنياد واويلا ڪئي وئي، دهشتگردن ۽ ڏوهاري عنصرن جو ڳٺ جوڙ وائکي ٿي چڪي آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته احساس محرومي جو نعرو هڻي دهشتگردي ڪندڙن کي بلوچستان جو عوام سڃاڻي چڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.