اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف صنعتن لاءِ بجلي جي اگهه ۾ چار ڏهائي چاليهه پئسا لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ملڪ جي ناليوارين ايڪسپورٽرز ۽ ڪاروباري شخصيتن جي مان ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه پر ان لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي.
هن چيو ته پوري قوم قرباني ڏني، غريب ڏکيائين جو منهن ڏٺو، اسان کي هاڻي گروٿ ڏانهن وڃڻو آهي، ڪاروباري برداري جي تجويزن جي آجيان ڪيون ٿا، واپاري برداري سان مشاورت کانپوءِ معاشي پاليسيون جوڙيون وينديون، سياسي ۽ عسڪري سهڪار سان ملڪي ترقيءَ جا رستاکُلي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ايوارڊ يافته ڪاروباري ماڻهن کي بليو پاسپورٽ ڏينداسين، وزيراعظم صنعتن لاءِ بجلي چار رپيا چار پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته معرڪاءِ حق کانپوءِ مختلف ملڪن جي سربراهن مون سان ڀاڪر پائي ملي رهيا هئا، دنيا هاڻي توهان جون ڳاليهون مڃي رهي آهي، سيڙپڪاري لاءِ رابطا ڪيا پيا وڃن.
Next Post
You might also like