ڪير مرضي جي نمبر تي بيٽنگ لاءِ چئي اِها ڳالهه ناهي وڻندي: سلمان علي آغا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته کيس اهو پسند ناهي ته ڪو به ماڻهو کيس پنهنجي مرضي جي نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ لاءِ چوي.
پي سي بي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪپتان سلمان آغا چيو ته پاڪستان ۾ ”انٽينٽ“ جو مطلب ئي غلط سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته انٽينٽ مان مراد حالتن موجب کيڏڻ آهي.
هن چيو ته هو ٽيم جي گهرج موجب ڪنهن به پوزيشن تي بيٽنگ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، جنهن مان رانديگر جي ٽيم لاءِ وقف هئڻ جو پتو پوي ٿو.
ٽي ٽوئنٽي ڪپتان وڌيڪ چيو ته مائڪ هيسن جي ڪوچنگ هيٺ ٽيم صحيح رخ سان اڳتي وڌي رهي آهي، جڏهن ته صاحبزاده فرحان ڊاٽ بالن تي ڪم ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.