قدم ماڳ موهن جو دڙو جي کوٽائي دوران اهم اڳڀرائي

ڏوڪري (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جي کوٽائي دوران اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
ماهرن کوٽائي دوران شهر جي حفاظت لاءِ ٺهيل ڀت دريافت ڪئي آهي، جنهن ۾ مرڪزي شهر جي چوڌاري ڪچين سرن سان ٺهيل حفاظتي ڀت هٿ آئي آهي.
موهن جو دڙو تي پاڪ–آمريڪا گڏيل آثارِ قديمه مشن تحت کوٽائي جو ڪم جاري آهي.
1950 ۽ 1951ع ۾ برطانيا جي قديم آثارن جي ماھرن پنهنجي تحقيق ۾ ان کي ڪچين سرن جي پيڙهه قرار ڏنو هو، پر نئين کوٽائي ۽ زميني تهن مان ملندڙ ثبوتن جي بنياد تي ماهرن ان کي شهر جو حفاظتي ڀت قرار ڏنو آهي.
ماهرن موجب، اها ڀت شايد واپار کي منظم ڪرڻ ۽ اچ وڃ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي.
ڀت جي دريافت ٿيڻ تي ثقافت واري صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه طرفان قديم آثارن جي ماهرن کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي.
ذوالفقار علي شاهه چيو ته اها دريافت سنڌ جي تاريخي ورثي جي عالمي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪري ٿي ۽ ان سان تحقيقي ۽ سياحتي سرگرمين کي هٿي ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.