راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جون ھٿياربند فوجون هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير بهاولپور گيريزن جو دورو ڪيو، جتي کيس آپريشنل، تربيتي ۽ انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير خيرپور ٽامي والي ۾ جنگي مشقن جو به مشاهدو ڪيو، جتي هن جديد ڊرونز، اليڪٽرانڪ وارفيئر ۽ سرويلنس ٽيڪنالاجي جو عملي مظاهرو پڻ ڏٺو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ان موقعي تي روهي اي اسڪلز لرننگ حب ۽ اي پي ايس عباسيه ڪيمپس جو افتتاح ڪيو ويو، جڏهن ته ڊجيٽل تعليم کي ھٿي ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو ۽ معياري تعليم سان وابستگي جو عزم پڻ ورجايو ويو.
فيلڊ مارشل اي ايم اي ريجنل ورڪشاپ جو به دورو ڪيو، جتي کيس جديد پليٽ فارمن جي سار سنڀال بابت آگاھي ڏني وئي.
فيلڊ مارشل شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان جون ھٿياربند فوجون هر خطري جي خلاف مڪمل طور تي تيار آهن.
Prev Post
You might also like