اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آھي ته پاڪستان بين الاقوامي استحڪام فورس ۾ شموليت بابت ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، ۽ پاڪستان ابراهام معاهدي جو حصو نه بڻجندو، بورڊ آف پيس کي ابراهام معاهدي سان جوڙڻ غلط فهمي آهي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان بين الاقوامي مسافرن لاءِ محفوظ ۽ کليل ملڪ آهي، آمريڪا طرفان جاري ڪيل سفري هدايت نامو ڊائون اسڪل نه پر هڪ اپڊيٽ آهي، نئين ٽريول ايڊوائزري ۾ ڪجهه اڳوڻا سيڪيورٽي نقطا ڪڍيا ويا آهن، اپڊيٽ کانپوءِ آمريڪي شهرين لاءِ پاڪستان جو سفر وڌيڪ سولو بڻجي ويو آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ان معاملي تي سفارتي ذريعن وسيلي رابطي ۾ آهن.
ترجمان چيو ته آمريڪي ويزا پابندين جي خاتمي بابت ڳالهه ٻولهه اسلام آباد ۽ واشنگٽن ۾ جاري آهي، پاڪستان کي اميد آهي ته جلد ئي ويزا پابندين جي فهرست مان ڪڍيو ويندو، آمريڪا سان سفارتي رابطا به ان ئي مقصد لاءِ جاري آهن.
طاهر اندرابي جو چوڻ هو ته پاڪستان بورڊ آف پيس ۾ نيڪ نيت سان شموليت اختيار ڪئي آهي،.بورڊ آف پيس ۾ شموليت جو بنيادي مقصد غزا ۾ جنگبندي کي مستحڪم بڻائڻ آهي.
هن چيو ته بورڊ آف پيس جو ٻيو مقصد غزا جي ٻيهر اڏاوت ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي، جڏهن ته ٽيون مقصد فلسطيني عوام جي حقِ خوداراديت جي بنياد تي دائمي امن قائم ڪرڻ آهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان اڪيلو ناهي، پر ست ٻيا مسلم ملڪ به بورڊ آف پيس ۾ شامل آهن، سعودي عرب، مصر، اردن، گڏيل عرب رياستون، انڊونيشيا ۽ قطر پڻ بورڊ آف پيس جو حصو آهن.
هن چيو ته بورڊ آف پيس جي شروعات گذريل سال سيپٽمبر ۾ گڏيل ڪوششن تحت ٿي ۽ بورڊ آف پيس غزا ۽ فلسطين مسئلي لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته گذريل ٻن سالن کان غزا جو عوام شديد تباهي ۽ انساني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي.
گڏيل قومن جون ڪوششون اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.
هن چيو ته بورڊ آف پيس کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي منظوري حاصل آهي، بورڊ آف پيس گڏيل قومن جو متبادل ناهي، پر هڪ مددگار پليٽ فارم آهي.
طاهر حسين اندرابي چيو ته بورڊ آف پيس کي ابراهام معاهدي سان ڳنڍڻ غلط فهمي آهي، پاڪستان ابراهام معاهدي جو حصو نه بڻجندو ۽ پاڪستان بين الاقوامي استحڪام فورس ۾ شموليت بابت به ڪو به فيصلو ناهي ڪيو.
You might also like