سون اگهه ۾ وڏي واڌ ، تولو يڪدم 21 هزار رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون لڳاتار ٻئي ڏينهن به 21 هزار رپين کان وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولر ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 21 هزار 200 رپين جي واڌ بعد 5 لک 72 هزار 862 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون به 18 هزار 175 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 91 هزار 136 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس جي قيمت 212 ڊالر اضافي کانپوءِ 5 هزار 505 ڊالر ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته جنوري 2026 دوران سون اگهه ۾ مجموعي طور 1 لک 15 هزار 900 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.