موسميات کاتي وڌيڪ برساتن ۽ ٿڌ جي لهر ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل الرٽ موجب 30 ۽ 31 جنوري دوران بلوچستان، خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته پهرين کان 3 فيبروري دوران ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڪوهيڙو وڌڻ سبب ڏسڻ جي حد متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ لاڳاپيل ادارن کي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.