اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ طبي معائنو ڪرائڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته گذريل هفتي اکين جي طبي ماهرن اڊيالا جيل ۾ عمران خان جو معائنو ڪيو هو، ماهرن جي سفارش تي کيس پمز اسپتال آندو ويو، جتي سندس اکين جو معائنو ڪيو ويو ۽ اها ڪارروائي لڳ ڀڳ 20 منٽن تائين جاري رهي.
هن ٻڌايو ته معمولي طبي ڪارروائي کانپوءِ عمران خان کي ضروري هدايتن سان ٻيهر اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.
عطا تارڙ جو چوڻ هو ته طبي ڪارروائي دوران عمران خان مڪمل طور مستحڪم ھو ۽ هو بلڪل صحتمند آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سڀني قيدين کي ڊاڪٽر تائين پهچ ڏني ويندي آهي ۽ اهو ظابطن موجب آهي، تنهنڪري عمران خان به مڪمل طور صحتمند آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي عمران خان کي پمز اسپتال کڻي وڃڻ بابت خبرون گردش ڪري رهيون هيون، جنهن تي حڪومت طرفان اڳ ڪا به وضاحت سامهون نه آئي هئي.
You might also like