کير سان ٺهيل شين جي استعمال جو وڏو نقصان سامهون اچي ويو

کير ۽ ان سان ٺهيل شين کي صحت لاءِ بهترين مڃيو ويندو آهي پر انهن جو وڌيڪ استعمال دل جي مرضن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
کير سان ٺهيل شيون وٽامنز، ڪيلشيم ۽ وٽامن ڊي جو خزانو هونديون آهن، جيڪي جلد کي جوان رکڻ سان گڏ هڏن کي به مضبوط بڻائينديون آهن.
پر کير سميت ٻيون ڊيري شيون مثال طور مکڻ، پنير وغيرا جو وڌيڪ استعمال دل کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، ڇو ته اهي شيون جسم ۾ ڪوليسٽرول جي سطح کي وڌائينديون آهن ۽ سڻڀ سبب رت جون رڳون سوڙهيون ٿي وينديون آهن، جنهن سبب دل کي خطرو پيدا ٿي ويندو آهي.
مڪمل سڻڀ واريون ڊيري شيون
کير، ڪريم، فل فيٽ پنير ۽ مکڻ ۾ سڻڀ جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي، جيڪو ڪوليسٽرول جي سطح کي وڌائي دل جي بيماري جو خطرو پيدا ڪري سگهي ٿو، تنهن ڪري گهٽ سڻڀ وارين شين جي چونڊ ڪرڻ گهرجي.
مٺو گهاٽو کير
مٺو گهاٽو کير کنڊ ۽ ڪيلوريز سان ڀرپور هوندو آهي، جيڪو وزن ۾ واڌ جو سبب ته بڻجندو ئي آهي پر گڏوگڏ دل کي بيمارين ۾ مبتلا به ڪري سگهي ٿو.
آئس ڪريم
آئس ڪريم ۾ کنڊ، سڻڀ ۽ ڪيلوريز وڌيڪ هونديون آهن، جنهن جي چونڊ دل جي حوالي سان بلڪل به درست ناهي.
پنير
پنير ۾ اڪثر سوڊيم ۽ سڻڀ جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي، جيڪو دل تي ناڪاري اثر وجهندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.