وڏي وزير جو گل پلازا سانحي جي عدالتي جاچ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه گل پلازا سانحي بابت جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن خط لکي ڇڏيو.
ان کان اڳ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته عدالتي جاچ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي رهيا آهيون، جنهن ۾ درخواست ڪئي ويندي ته سانحي جي جاچ حاضر سروس جج کان ڪرائي وڃي.
هن چيو ته اسان ڪنهن به سياسي جماعت جي دٻاءَ هيٺ نه اينداسين، گل پلازا جي شهيدن جي وارثن کي امدادي چيڪ ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، عدالتي ڪميشن جو فيصلو به ڪنهن سياسي دٻاءَ هيٺ نه ڪيو ويو آهي، ڇو ته اسان سياسي جماعتن کي نه پر عوام کي جوابده آهيون.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه سياسي جماعتون هن سانحي تي سياست ڪري رهيون آهن، جڏهن ته اسان اهڙن واقعن تي سياست نٿا ڪريون، سنڌ حڪومت ڪنهن به دٻاءَ ۾ ناهي، جيڪو ڪم ڪرڻو آهي اهو ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.