تهران (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري وئي، جتي آمريڪي بحري ٻيڙي جي آبنائي هرمز آمد ۽ ايران جي تڪڙي ردعمل خطي جي سياسي ۽ فوجي توازن کي لوڏي ڇڏيو آهي.
ايران 3 ڏينهن جي فوجي مشقن جو اعلان ڪندي نار فارس جي اهم سامونڊي لنگهه آبنائي هرمز ڀرسان پنهنجون فضائي حدون 25000 فوٽ جي اوچائي تائين بند ڪري ڇڏيون آهن.
ايران آبنائي هرمز ڀرسان فضائي حدن ۾ لائيو فائر مشقون ڪرڻ جو اعلان ڪندي نوٽم جاري ڪري ڇڏيو.
ايراني پاسداران انقلاب خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي جهاز ايراني سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيا ته انهن تي حملو ڪيو ويندو.
واضح رهي ته هرمز جو سوڙهو رستو عالمي واپار لاءِ انتهائي اهم آهي، جتان روز لکين بيرل تيل منتقل ٿيندو آهي.
هوڏانهن سعودي عرب به واضح ڪيو آهي ته هو ايران خلاف ڪنهن به ڪارروائي لاءِ پنهنجون فضائي حدون يا سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا.
آمريڪي بحري ٻيڙو آبنائي هرمز پهچي ويو، ايران جو فوجي مشقن جو اعلان، سعودي پاران فضائي حدون ڏيڻ کان انڪار
You might also like