23 سالن جي زينب سونميز، جيڪا استنبول ۾ پيدا ٿي، آسٽريلين اوپن ۾ ٽئين مرحلي تائين پهچي ترڪيا جي ٽينس تاريخ ۾ نئون باب لکي ڇڏيو آهي.
عالمي درجابندي ۾ 112هين نمبر تي موجود سونميز پهرئين مرحلي ۾ دنيا جي 11هين نمبر رانديگرياڻي ايڪاتيرينا اليگزينڊرووا کي شڪست ڏئي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ هن هنگري جي انا بوندار کي هارائي ڇڏيو، ٽئين مرحلي ۾ سندس مقابلو قازقستان جي يوليا پوتنسوا سان ٿيندو.
ميچ کان پوءِ سونميز چيو ته اسٽيڊيم ۾ ترڪ مداحن جي موجودگي کيس گهڻو اعتماد ڏنو ۽ هن محسوس ڪيو ته ڄڻ سڀ گڏجي راند کيڏي رهيا هجن.
ٽينس جي دنيا ۾ هڪ دلچسپ لمحو اهو به آيو، جڏهن آسٽريلين اوپن ۾ اليگزينڊرووا خلاف ڪاميابي کان پوءِ عالمي اسٽار نوواڪ جوڪووچ زينب سونميز کي ذاتي پيغام موڪليو، سونميز ٻڌايو ته هوءَ تمام گهڻي خوش ٿي وئي، ڇو ته جوڪووچ سندس ميچ ڏٺي هئي، مان کيس ڏسندي وڏي ٿي آهيان.
30 اپريل 2002 تي استنبول ۾ جنم وٺندڙ سونميز ڇهن سالن جي عمر ۾ ٽينس کيڏڻ شروع ڪيو، شروعات ۾ هن ٻين راندين ۾ به قسمت آزمائي پر آخرڪار ٽينس جي چونڊ ڪئي.
سونميز پنهنجي پيشيوراڻي ڪيريئر جي شروعات انٽرنيشنل ٽينس فيڊريشن (ITF) سرڪٽ تان ڪئي ۽ يورپ سميت مختلف ملڪن ۾ ڪيترين ئي ٽورنامينٽن ۾ حصو ورتو، جتي هن چار ITF سنگلز ٽائيٽلز حاصل ڪيا، سال 2024 ۾ ميريڪا اوپن، ميڪسيڪو ۾ پهريون WTA ٽائيٽل کٽي ترڪي جي ڪجهه WTA چيمپيئن رانديگرياڻين ۾ شامل ٿي وئي.
سونميز کي گرينڊ سليم ۾ به سٺو تجربو حاصل رهيو آهي، 2024 ۾ هوءَ آسٽريلين اوپن جي ڪواليفائنگ فائنل مرحلي تائين پهتي، رولان گارس ۾ مين ڊرا ۾ حصو ورتو ۽ اتي ئي 2024 ۾ ومبلڊن ۾ ٽئين مرحلي تائين پهچندڙ پهرين ترڪ رانديگرياڻي بڻي.
سونميز بلي جين ڪنگ ڪپ ۾ به ترڪيه جي نمائندگي ڪئي ۽ قومي ٽيم جي مقابلن ۾ باقاعدگي سان حصو وٺندي رهي آهي، 2025 جي وچ تائين سنگلز ۾ سندس ڪيريئر جي بهترين عالمي درجابندي 74 هئي.
زينب سونميز جي ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسلسل محنت ۽ ثابت قدمي ترڪ ٽينس لاءِ نوان رستا کولي رهي آهي ۽ آسٽريلين اوپن ۾ سندس شاندار موجودگي ترڪيا جي راندين لاءِ تاريخي اهميت رکي ٿي.
You might also like