ڪراچي ۾ ٿڌ جو الزام به هاڻي 18هين ترميم تي لڳندو! وڏي وزير جو طنزيا سوال

 ڪراچي(رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گل پلازا سانحي جي متاثرن کي ٻن مهينن اندر دڪان تيار ڪري ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ عوام سان زيادتي آهي. اسان وفاق کان وڌيڪ ٽئڪس اوڳاڙيون ڪيون آهن ڇا وفاق سموري ٽئڪس اوڳاڙي اسان حوالي ڪندو؟. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير گل پلازا سانحي بابت ڳالهائيندي چيو ته جان جو ازالو ڪو به نٿو ڪري سگهي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 6.1 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل ڪورنگي ڪازوي پل جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن گل پلازا سانحي کان متاثر ماڻهن لاءِ جامع رليف، بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي قدمن جو به اعلان ڪيو. افتتاحي تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير گل پلازا واقعي ۾ فوت ٿيل ماڻهن لاءِ دعا گهري ۽ سڀني کان سوره الفاتحه ۽ سوره الاخلاص پڙهڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته هي المناڪ واقعو سڄي صوبي لاءِ انتهائي ڏکائيندڙ آهي ۽ انساني جان جو نقصان ڪنهن به معاوضي سان پورو نٿو ٿي سگهي. وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير محنت سعيد غني ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ موجود هئا. ڪورنگي ڪازوي تي پهچڻ تي وڏي وزير جو ڀليڪار خاص مددگار علي راشد، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد ۽ ٻين عملدارن ڪيو. ڪورنگي ڪازوي منصوبي جي اهميت تي زور ڏيندي وڏي وزير چيو ته هي منصوبو ڪورنگي ۽ ڀرپاسي جي رهواسين ۽ صنعتي اسٽيڪ هولڊرن سان ڪيل هڪ پراڻو واعدو هو. هن چيو ته برساتن دوران هي علائقو ڪٽجي ويندو هو جنهن سبب شهر عملي طور ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. ان مسئلي جي حل لاءِ لڳ ڀڳ ٽي سال اڳ هتي پل ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته پل جي تعمير اٽڪل ڏيڍ سال اڳ شروع ٿي پر ڊيزائن سان لاڳاپيل مسئلن سبب دير ٿي، وڏي وزير چيو ته هي منصوبو ڪورنگي ۽ لانڍي جي صنعتي علائقن، روزانو سفر ڪندڙ ماڻهن ۽ ڀرپاسي جي ادارن جن ۾ انڊس اسپتال، ايس آءِ يو ٽي، تعليمي ادارا ۽ رهائشي علائقا شامل آهن، لاءِ وڏي فائدي جو سبب بڻجندو. اسان جو ارادو آهي ته شاهراهه ڀٽو عيد تائين يا عيد کان فوراً پوءِ کوليون جيتوڻيڪ لڳ ڀڳ ڏيڍ کان ٻن مهينن جي دير ٿي آهي پر عيد کان پوءِ ڪورنگي روڊ کان ايم-9 تائين رستو کوليو ويندو. وڏي وزير کي شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي منصوبي هيٺ تعمير ٿيندڙ ڪنڪٽنگ لوپس ۽ گريڊ سيپريٽيڊ انٽرچينج بابت به بريفنگ ڏني وئي جيڪو ڪورنگي، ڊي ايڇ اي ۽ ڪاٺوڙ (ايم-9) هاءِ وي کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو. ٽريفڪ کي بغير رڪاوٽ هلائڻ لاءِ ڪورنگي ۽ قيوم آباد لاءِ ٻه داخلا ۽ ٻه نيڪالي لاهيون ٺاهيون ويون آهن ته جيئن اندروني شهر جي رستن تي دٻاءُ گهٽجي. گل پلازا سانحي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته واقعي کي هڪ هفتي کان وڌيڪ وقت ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن ئي هر فوت ٿيل شخص جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو هو پر هن ٻيهر واضح ڪيو ته ڪا به رقم انساني جان جي نقصان جو نعم البدل نٿي ٿي سگهي. هن ياد ڏياريو ته سنڌ اسيمبلي جي فلور تي متاثر دڪاندارن لاءِ مالي امداد جو به اعلان ڪيو ويو هو. هن چيو جيستائين دڪاندار ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي قابل نه ٿيندا، سنڌ حڪومت انهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ ٻڌايو ته انهن قدمن جي ڪابينا کان جلد منظوري ورتي ويندي. وڏي وزير اعلان ڪيو ته هر متاثر دڪاندار کي فوري طور پنج لک رپيا بطور گذر سفر امداد ڏني ويندي ته جيئن ايندڙ ٻن مهينن دوران گهر خرچ، ٻارن جي فيس ۽ يوٽيلٽي بل ادا ڪري سگهجن. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ ذريعي هر متاثر دڪاندار کي 10 لک رپين تائين بغير وياج قرض ڏنو ويندو. حڪومت ان قرض جي ضمانت ڏيندي، وياج پاڻ ڀريندي ۽ بغير ڪنهن سفارش جي قرض فراهم ڪيو ويندو. آخر ۾ وڏي وزير چيو ته گل پلازا جي ٻيهر تعمير متاثر دڪاندارن سان صلاح مشوري سان ڪئي ويندي. هن شفافيت ۽ انصاف جي يقين دهاني ڪرائيندي چيو دڪانن جو انگ ساڳيو رهندو، هڪ به اضافي دڪان تعمير نه ڪيو ويندو.  هن چيو ته گل پلازا واقعي جي جاچ جاري آهي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ثبوت آهن ته مهرباني ڪري انڪوائري ڪميٽي کي فراهم ڪن. جيڪو به هن واقعي ۾ ڏوهي ثابت ٿيو ان کي سزا ڏني ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن هو پاڻ هن واقعي ۾ ڏوهي ثابت ٿيو ته ان کي به سزا ملڻ گهرجي.ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪاز وي پل جي افتتاح جي موقعي تي هن چيو ته سڀ ڪجهه اٺين ترميم تي لڳايو پيو وڃي. جڏهن هڪ وفاقي وزير اسيمبلي ۾ ڳالهايو ته هڪ ٻئي وزير ان کي پنهنجي ذاتي راءِ قرار ڏنو. هن طنزيه انداز ۾ چيو ته ڪراچي ۾ ٿڌ جو الزام ارڙهين ترميم تي لڳائڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته اهي ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڀٽو هاءِ وي عيد تائين عوام لاءِ کوليو ويندو. هن چيو ته هلندڙ سال ايف بي آر ٽئڪس اوڳاڙي جو هدف پورو ناهي ڪيو، اسان خدمتن تي ٽئڪس اوڳاڙي وفاق کان وڌيڪ ڪئي آهي. هن چيو ته گورنر سنڌ هجي يا ٻيو ڪير ڀلي اسان تي تنقيد ڪيو پر ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ يا واقعن تي سياست ڪرڻ جو هي وقت ناهي. هن چيو ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪراچي واسين جي دل آزادي پئي ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.