بنگلاديش جو اهم فيصلو، آءِ سي سي کي وڏو ڌڪ

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش آءِ سي سي جي هٺ ڌرمي تي هڪ ٻيو وڏو فيصلو ڪري ورتو.
بنگلاديشي حڪومت وڏو قدم کڻندي ملڪ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي نشريات تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
نشريات تي پابندي جو اعلان بنگلاديش جي راندين بابت صلاحڪار ڊاڪٽر آصف نذرل ڪيو.
واضح رهي ته آءِ سي سي بنگلاديش کي ورلڊ ڪپ مان ڪڍي ان جي جاءِ تي اسڪاٽ لينڊ کي شامل ڪيو آهي.
بنگلاديش سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ڀارت مان ورلڊ ڪپ جون ميچون ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، جيڪو آءِ سي سي رد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.