ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ليگ اسپنر تبريز شمسي پاڪستان جي نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽر خواجه نافع جي واکاڻ ڪندي کيس ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سرپرائز پيڪيج قرار ڏئي ڇڏيو.
پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي خواجه نافع جي ساراهه ڪندي تبريز شمسي چيو ته خواجه نافع هڪ سنجيده ڪرڪيٽر آهي، امڪان آهي ته هو ورلڊ ڪپ جو سرپرائز پيڪيج ثابت ٿئي.
ڏکڻ آفريڪي اسپنر چيو ته هن گلوبل سپر ليگ دوران نافع سان گڏ وقت گذاريو آهي، هو هڪ محنتي، خوش اخلاق ۽ وڏن ارادن وارو رانديگر آهي.
ان کان اڳ اڳوڻي ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون به نافع کي ڌيان ڇڪائڻ وارو رانديگر قرار ڏئي چڪو آهي.
ياد رهي ته آءِ سي سي مينز ٽي20 ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ خواجه نافع کي به شامل ڪيو ويو آهي.