ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو جي شهر سلامانڪا ۾ هٿياربندن هڪ فٽبال ميدان تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا.
سلامانڪا جي ميئر سيزر پريئتو موجب مارجي ويلن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار به شامل آهن.
هن چيو ته اهو حملو شهر ۾ جاري ڏوهن جي لهر جو حصو آهي ۽ صدر ڪلاڊيا شين بام کي اپيل ڪئي آهي ته هو حالتون معمول تي آڻڻ ۾ مدد ڪري.
سندس چوڻ هو ته حملي آور فٽبال ميچ جي پڄاڻي تي ميدان ۾ داخل ٿيا.
You might also like