گهٽين ۾ لائوڊ اسپيڪر ذريعي شيون وڪرو ڪندڙن خلاف وڏو حڪم جاري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي عدالت گهٽين ۾ سبزيون، ميوا ۽ ٻيون شيون کپائڻ لاءِ لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي پابندي هڻي ڇڏي ۽ ڀڃڪڙي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.
ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج مقصود قريشي جي عدالت ۾ ٿي، جتي سينيئر وڪيل انوار ڊار طرفان داخل درخواست تي غور ڪيو ويو.
عدالت درخواست منظور ڪندي حڪم ڏنو ته گهٽين ۾ شين جي وڪري لاءِ لائوڊ اسپيڪر جو استعمال ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته صبح سوير کان رات دير تائين لائوڊ اسپيڪر تي شيون وڪرو ڪيون وينديون آهن، جنهن سان گوڙ ۽ ننڊ ۾ خلل پوندو آهي.
هن چيو ته حڪومت اڳ ئي لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي پابندي هڻي چڪي آهي پر ڀڃڪڙي جاري آهي.
ايڊيشنل سيشن جج چيو ته شهري علائقن ۾ گهٽين ۾ لائوڊ اسپيڪر ذريعي دڪانداري جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.