اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ (پي ٽي سي ايل) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کي ٽيلي نار پاڪستان ۽ يو فون جي انضمام جي منظوري لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.
ميڊيا رپورٽن موجب پي ٽي اي طرفان جائزو وٺڻ جو عمل تقريبن ڏيڍ کان ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿيندو.
اٿارٽي تجويز ڪيل ڪاروباري منصوبي، نيٽ ورڪ انفرا اسٽرڪچر، ٽاور اثاثن ۽ ٻين عملي پهلوئن جو جائزو وٺي انضمام جي باضابطا منظوري ڏيندي، جنهن ۾ لائسنسنز ۽ اسپيڪٽرم جي منتقلي ۽ گڏ ڪرڻ جا معاملا شامل آهن.
پي ٽي اي جي منظوري کانپوءِ اهو معاملو سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان وٽ ويندو ته جيئن قانوني منظوري حاصل ڪري سگهجي.
سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي منظوري کانپوءِ پي ٽي سي ايل عدالت مان اسڪيم آف ارينجمينٽ جي حتمي منظوري حاصل ڪندو، جيڪا انضمام مڪمل ڪرڻ لاءِ لازمي گهرج آهي.
سمورو ريگوليٽري ۽ قانوني عمل تقريبن 5 کان 6 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي.
You might also like