اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي اڳواڻ حافظ حمد الله چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي ڪاوڙ آئي ته 16 ورهين جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪندس.
اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڳالهائيندي حافظ حمد الله چيو ته مولانا فضل الرحمان کي مشورو ٿو ڏيان ته چئني صوبن ۾ اجتماعي شادين جو اهتمام ڪري ۽ انهن نوجوانن جون شاديون ڪرائي، جيڪي بالغ ٿي چڪا آهن، ڀلي انهن جي عمر 18 سالن کان گهٽ ڇو نه هجي.
هن چيو ته اسان قانون لتاڙينداسين، ڇو ته جيڪو قانون قرآن ۽ سنت جي ابتڙ هجي ان کي تسليم نه ڪنداسين، هي اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي.
سندس چوڻ هو ته توڙي جو مان ٻي شادي جي موڊ ۾ ناهيان، هڪ ئي ڪافي آهي پر ڪاوڙ آئي ته مان به 16 ورهين جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪندس.
You might also like