اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان جي شرڪت بابت پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ سمورن آپشنز کليل رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ملاقات دوران پي سي بي چيئرمين محسن نقوي وزيراعظم کي آءِ سي سي سان لاڳاپيل صورتحال بابت آگاهه ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف محسن نقوي کي معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ان کان پوءِ پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته عالمي ڪپ ۾ شرڪت بابت فيصلو گڏيل صلاح مشوري سان سومر تائين ڪيو ويندو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ محسن نقوي چيو ته ملاقات دوران وزيراعظم کي آءِ سي سي معاملن بابت آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم سمورن آپشنز کي نظر ۾ رکندي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ذريعن موجب، ملاقات دوران محسن نقوي وزيراعظم کي آءِ سي سي جي ٻٽي معيار بابت به آگاهه ڪيو. محسن نقوي چيو ته آءِ سي سي ڀارت لاءِ هڪڙو قانون ۽ ٻين ملڪن لاءِ ٻيو قانون استعمال ڪري ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي چيو ته ڀارت چيمپيئنز ٽرافي دوران پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي ان کي متبادل وينيو ڏنو ويو.
ذريعن موجب، محسن نقوي ٻڌايو ته بنگلاديش به سيڪيورٽي خدشن سبب ڀارت وڃڻ بابت آءِ سي سي کي آگاهه ڪيو هو، پر بنگلاديش کي متبادل وينيو ڏيڻ بدران عالمي ڪپ مان ٻاهر ڪيو ويو.
ذريعن موجب، محسن نقوي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان عالمي ڪپ ۾ شرڪت نه ڪندو ته پاڪستان کي شرڪت جي عيوض جهجهي رقم نه ملندي.
محسن نقوي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ڀارت سان ميچ نه کيڏي ته ان جو سڀ کان وڏو نقصان ڀارت کي ٿيندو.
Prev Post
You might also like