مريءَ ۾ برفاني طوفان جي اڳڪٿي، ٽريول ايڊوائزري جاري، رات جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت

مري (ويب ڊيسڪ) مري ۾ برفاني طوفان جي اڳڪٿي تحت ڊي پي او ٽريول ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي.
ڊي پي او ڊاڪٽر رضا تنوير سپرا موجب، اڄ شام کان سڀاڻي شام تائين مري ۾ شديد برفباري جو امڪان آهي، سياح ۽ شهري رات جي وقت مري جو سفر ڪرڻ کان مڪمل پاسو ڪن، مري ۾ گرمي پد گهٽجڻ سبب روڊن تي برف جي شيشي جهڙو سخت تهه ٺهي سگهي ٿو.
ڊي پي او موجب، برف واري روڊ تي گاڏين جا بريڪ صحيح ڪم ناهن ڪندا، رات جو سفر خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، اوندهه ۽ ڪوهيڙي ۾ برف هٽائڻ واري مشينري جو ڪم نهايت ڏکيو ٿي وڃي ٿو، ٽائرن تي ”اسنو چين“ لڳائڻ کان سواءِ ڪنهن به گاڏي کي مري ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملندي.
ڊي پي او جو چوڻ هو ته مري روانگي کان اڳ گاڏي جو فيول ٽينڪ ڀريل رکو، ميڪانيڪل فٽنيس چيڪ ڪريو، بريڪ، وائپرز، هيٽر ۽ ڊي فوگر جي صحيح هئڻ کي يقيني بڻايو، برف واري روڊ تي رفتار گهٽ رکو ۽ اڳين گاڏي کان 50 ميٽر جو فاصلو رکو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن گاڏي ۾ هيٽر هلندڙ هجي ته شيشا کليل رکو، آڪسيجن جي کوٽ جاني نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ڪوهيڙي ۽ برفباري دوران فوگ لائٽس ۽ هيزرڊ لائٽس جو استعمال يقيني بڻايو، روڊن تي گاڏي پارڪ نه ڪريو ته جيئن برف هٽائڻ وارو عمل متاثر نه ٿئي.
ڊي پي او چيو ته چيڪ پوسٽن تي مقرر پوليس جي هدايتن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، هنگامي صورتحال يا حادثي جي صورت ۾ فوري طور پوليس هيلپ لائن 15 تي ڪال ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.