ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت برقرار آهي ۽ شهر ۾ هلندڙ هفتي به اهڙي ئي صورتحال رهندي.
ڊپٽي ڊائريڪٽر پي ايم ڊي موجب، ڪالهه ۽ اڄ هوا جي رفتار 45 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين رڪارڊ ڪئي وئي.
پي ايم ڊي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ فيبروري دوران گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي، فيبروري ۾ ٻه کان ٽي اولهندي هوائن جا سلسلا ملڪ تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ايندڙ هفتي برسات جو ڪو به سسٽم نظر نه پيو اچي.
ٻئي پاسي موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ جناح ٽرمينل ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جناح ٽرمينل تي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 10.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته ماڙيپور ۾ گهٽ ۾ گهٽ پارو 14.0 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شاهراههِ فيصل تي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 12.5 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، گلستانِ جوهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 11.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، جڏهن ته بن قاسم ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پارو 12.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.