اسلام آباد (بيورو) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته 9/11 کان پوءِ عالمي سياست ۽ سيڪيورٽي جا تصور مڪمل طور تي تبديل ٿي ويا ۽ دهشتگردي خلاف جنگ سڌي طرح خطي کي متاثر ڪيو. فرحت الله بابر اسلام آباد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته قانون ۽ اختيار جي نالي تي غير آئيني قدم پريشان ڪندڙ آهن. هن چيو ته جاچ کان سواءِ الزام لڳائڻ انصاف جي اصولن جي خلاف آهي. سينئر پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته طاقتور طبقن کي به قانون جي دائري ۾ اچڻو پوندو، شفافيت ۽ احتساب کان سواءِ جمهوريت مضبوط نه ٿي سگهي. فرحت الله بابر چيو ته اختلاف راءِ کي دٻائڻ مسئلن جو حل ناهي، رياست کي پنهنجي شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن اهو به چيو ته خوف جي ماحول ۾ اظهار جي آزادي ترقي نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان کي آئين جي بالادستي ڏانهن موٽڻو پوندو.