مون کي وفاقي ڪابينا امن بورڊ ۾ شموليت جو اختيار ڏنو هو: وزيراعظم

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پيس بورڊ ۾ شموليت جي حوالي سان چيو آهي ته غزا ۾ امن قائم ٿيڻ جي اميد سان اسان ان معاهدي ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو.
لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي بورڊ ۾ شموليت جي دعوت ملي هئي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا پيس بورڊ ۾ شموليت جو اختيار ڏنو هو.
هن چيو اميد ته فلسطينين کي عزت ۽ وقار سان انهن جا حق ملندا ۽ غزا جي نئين سر تعمير ٿيندي، ڊيوس جو دورو ڪامياب رهيو، اتي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان به ملاقات ٿي، آمريڪي صدر پاڪستان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.