لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته بابر اعظم بگ بيش ۾ سٺو پرفارم نه ڪري سگهيو پر هن پاڪستان لاءِ سٺو پرفارم ڪيو آهي.
لاهور ۾ ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جي اعلان جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سلمان علي آغا چيو ته سريلنڪا ۾ ميچون کيڏڻ جو فائدو ٿيندو، اسان کي اهو فائدو آهي ته سفر نه ڪرڻو پوندو، جڏهن ته ٻين ٽيمن کي سفر ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته گذريل ٽورنامينٽس ۾ اسان جي ڪارڪردگي سٺي ناهي رهي، سريلنڪا ۾ هاءِ اسڪورنگ ڪرڪيٽ ناهي ٿيندي، ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ اتي سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي.
ٽيم جي بيٽنگ آرڊر بابت سوال تي سلمان آغا چيو ته هر رانديگر جو پنهنجو ڪردار هوندو آهي، ٽي ٽوئنٽي ۾ اوپنر کانسواءِ ڪنهن به رانديگر جو نمبر ڪنفرم ناهي هوندو، ڪنڊيشن جي حساب سان نمبر تبديل ٿيندا رهندا آهن.
You might also like