لاهور (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم جي شموليت تي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد چيو آهي ته هو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن ۽ ڪپتان سلمان علي آغا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عاقب جاويد چيو ته اسان ڪنڊيشن کي نظر ۾ رکندي ٽيم ٺاهي آهي، بابر اعظم تجربي ڪار رانديگر آهي ۽ سريلنڪا جي ڪنڊيشن ۾ ان جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.
هن چيو ته ڪوچ ۽ ڪپتان کي به لڳي ٿو ته بابر اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، کيس ٽيم جي ضرورت موجب چونڊيو ويو آهي.
You might also like