لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي 11هين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي نيلامي 11 فيبروري تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب پليئرز جي ٻولي پاڪستاني رپين ۾ لڳندي، گهٽ کان گهٽ قيمت 60 لک رپيا رکي وئي آهي، جڏهن ته مهانگو ترين رانديگر 4 ڪروڙ 20 لک رپين ۾ خريد ڪري سگهبو.
ٽيم اسڪواڊ ميمبرن جو انگ 16 ۽ وڌ کان وڌ 20 مقرر ڪيو ويو آهي، جن ۾ 5 کان 7 پرڏيهي رانديگر رکي سگهجن ٿا، جڏهن ته هر ٽيم ۾ 3 کان 4 پرڏيهي رانديگر پليئنگ اليون جو حصو بڻجي سگهندا.
You might also like